ڄيٺـاننـد ڀاونداس لعلواڻي

ڄيٺـاننـد ڀاونداس لعلواڻي

ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي

ڄيٺـاننـد ڀاونداس لعلواڻي: ليکـڪ ڄيٺانند ڀاونداس لعلـواڻـي، 25 مارچ 1916ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. هن اڌ صديءَ کان مٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. هن ڪهاڻيون، ناول ۽ مضمون جي ميدان ۾ قلم آرائي ڪئي آهي. ان سان گڏ ٻارن لاءِ ڪتاب، سوانحي ادب ۽ ترجما به ڪيا آهن. طبعزاد شايع ٿيل آهن: (1) بابو راجيـنـدرنـاٿ (جيوني: 1936ع)، (2) جئه پرڪاش نارائڻ (جيوني: 1940ع)، (3) ميونسپل ڪائونسلر (1940ع) ۽ (4) مهاراڻي چندراوتي. جن مان پهريون، ٻيو ۽ چوٿون سوانحي ناول آهن.
سڀاش چندر بوس بابت 1942ع ۾ ڪتاب لکيو. سندس خاص ڪم ’گرو گرنٿ صاحب‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ورهاڱي کان اڳ هن ’ڦولستان‘، ’دل بهار‘ ۽ ’گل ڦل‘ ٻارن جا رسالا شايع ڪيا. برصغير جي آزاديءَ جي هلچل دوران برطانيا سرڪار خلاف هڪ ڪتاب لکڻ ڪري جيل به ويو. سندس هي ڪتاب 1941ع ۾ ضبط ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو ۽ 1981ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.03.25  عيسوي

هن اڌ صديءَ کان مٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. هن ڪهاڻيون، ناول ۽ مضمون جي ميدان ۾ قلم آرائي ڪئي آهي. ان سان گڏ ٻارن لاءِ ڪتاب، سوانحي ادب ۽ ترجما به ڪيا آهن. طبعزاد شايع ٿيل آهن: (1) بابو راجيـنـدرنـاٿ (جيوني: 1936ع)، (2) جئه پرڪاش نارائڻ (جيوني: 1940ع)، (3) ميونسپل ڪائونسلر (1940ع) ۽ (4) مهاراڻي چندراوتي. جن مان پهريون، ٻيو ۽ چوٿون سوانحي ناول آهن.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رزاق مهر
شهيد سومرو
دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
عبدالجبار عاجز منگي
راشدي مهتاب اڪبر
عبدالجبار عابد لغاري
پنهل ڏهر
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
شيرين فيروز نانا
عبدالحق عظيم
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون